اقبال رند

اقبال رند

اقبال رند

اقبال رند: نامور شاعر اقبال رند، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ميرپورخاص جي ’لانڍي‘ ڳوٺ ۾ پھرين جنوري 1966ع تي، پرائمري استاد ۽ قومي ڪارڪن محمد جمن رند جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي آهي. 1990ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. غزل ۽ وائيءَ جي صنف ۾ پنھنجي ٽھيءَ جي شاعرن ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن وقت ڪوٽ غلام محمد ۽ ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”خوشبوءِ جي تنھائي“ (2005ع) ۽ ”مون کي غزل ۾ رک“ (شاعري: 2019ع) ڇپيل آهن. هن غزل کي نئون لھجو ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو